برٽش ميوزيم  لنڊن وارو قلمي نسخو

برٽش ميوزيم لنڊن وارو قلمي نسخو

برٽش ميوزيم لنڊن وارو قلمي نسخو

برٽش ميوزيم (لنڊن) وارو قلمي نسخو: هيءُ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو قلمي نسخو آهي، جيڪو 14 فيبروري 1886ع (1304هه) کان اڳ ميوزيم جي ڪتبخاني ۾ شامل ٿيو ۽ اُن جو نمبر (Or. 2987) آهي. سُرن جي ترتيب ۽ بيتن جي تعداد مان اندازو ٿئي ٿو ته هيءُ نسخو 12 صدي هجريءَ جي آخر ۾ لکيل آڳاٽن نسخن مان هڪ آهي ۽ غالباً ڪڇ جي روايت مطابق آهي. هن کي ’رسالي‘ بدران ’بياض‘ ڪري لکيو ويو آهي. شروعاتي عنوان ۽ سُر جي عبارت هن طرح آهن:
بياض سنڌي تصنيف زبدة الواصلين
شاهه عبداللطيف رحمت الله
بسم الله

اول سرود سسئي- بيت
پرتوو پنوه جو، جهڙ جئن جهالا ڏي
آءٌ تنهه آريءَ کي، وٺيو راهه روئان گهڻو .
28 سُر، 1822 بيت ۽ 86 وايون شامل آهن. ”سرود جمن ڪلياڻ“ ۽ ”سرود بلاول صبحي“ يڪا سُر ڪري لکيا ويا آهن. اندر متن ۾، تمر فقير ۽ ٻئي ڪنهن شاعر جي بيتن کي جدا عنوانن هيٺ لکيو ويو آهي، جيئن ته:
” ايضا سرود پورب و رامڪلي از گفتار تمر فقير عليہ الرحمة “
” ايضا سرود ڪاريهل از گفتار تمر فقير
” ايضاً سرود سورٺ از گفتار ڪسي ديگر “


هن صفحي کي شيئر ڪريو